اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪش??ير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي صدر شاهه غلام قادر ج?? قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪش??ير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪش??ير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪش??ير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪش??ير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪش??ير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪشميرين جي اخلاقي?? سياسي ۽ سفارتي حم??يت جاري رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام سان پنهنجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.
پاڪستانين جي دل ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا