مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عر??ي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سدائين جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سا?? ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صفي، سيد فيض احمد نقشبندي، الطاف حمد ڀٽ، شهزاد واني، اعجاز رحماني، زاهد اشرف ۽ الطاف حسين واني شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا. حريت اڳواڻن آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سا?? وزيراعظم جي ڪردار تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. حريت اڳواڻن ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سا?? ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين سا?? يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وفد سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستن ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته گيمبيا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سا?? پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سا?? اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز وڌيڪ بهتر طريقي سا?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سا?? دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام کي حريت اڳواڻن سا?? رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀارتي غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عر??ي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي.
ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر