ابوظهبي – 23 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر سان ٻطرفي تعاون جي اهم رخن سان گڏوگڏ علائقائي صورتحال بابت لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آ??ي، اسان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائر??ڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي پ??اري ڀاءُ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. پاڪستان جي لاءِ سندس گرمجوشي ۽ محبت جي لاءِ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اسان پنهنجي ٻطرفي تعاون جي اهم رخن سان گڏوگڏ علائقائي صورتحال بابت پڻ لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي مسلسل حمايت تي انهن جا ٿورائتا آهيون، اسان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائر??ڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
گڏيل عرب امارات جي صدر سان ٻطرفي تعاون جي اهم رخن سان گڏوگڏ علائقائي صورتحال بابت لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون