اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 182 ووٽن جي زبردست حمايت سان 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل قومن جي چارٽر جي ويزن سان پنهنجي وابستگي کي برقرار رکڻ، عالمي خوشحالي ۽ انس??ني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جو منتظر آهي. هن چي?? ته اسان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي مينڊيٽ موجب عالمي امن ۽ سل??متي جي بحالي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي پرڏيهي وزارت، گڏيل قومن ۾ پاڪست??ني مشن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سمورن مشنز پاران بهترين مهم ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پاڪستان جي 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور چونڊ تي مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ