آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سا?? معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خطن جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سا?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي واڌويجهه جي لاءِ علائقائي تعاون جي فروغ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ت??ڪيه ۽ آذربائيجان سا?? پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. وزيراعظم ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ت??ڪيه ۽ آذربائيجان سا?? معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ??و. ??ن کان اڳ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر