اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربا??يج??ن جو صدر الهام عليوف پاڪست??ن جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربا??يج??ن جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ ??ڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربا??يج??ن جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪست??ن جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے