اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مادر ملت م??ترمه فاطمه جناح آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم محمد جناح سان گڏ رهي، جمهوريت جي فروغ لاءِ محترمه فاطمه جناح جو عزم پختو ۽ متاثر ڪندڙ هو. مادر ملت م??ترمه فاطمه جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته باني پاڪستان ق??ئداعظم محمد علي جناح سان گڏ آزادي جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار نمايان رهيو. جمهوريت جي فروغ لاءِ سندس عزم پختو ۽ متاثر ڪندڙ هو. هوءَ سمورن پاڪستانين جي لاءِ قابل احترام ۽ رول ماڊل هئي. هن چي?? ته فاطمه جناح جي سڄي زندگي محنت جي جذبي سان سرشار هئي، ان جي لازوال ميراث اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد