اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريل??ڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊ??شا??ائيڪي کي چونڊن ?? ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريل??ڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊ??شا??ائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آصف علي زرداري سريل??ڪا جي قيادت ۽ عوام لاءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش