اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نئين افق ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ??ور?? جي مسلسل مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران وزيراعظم جي قطر جي ??ور?? جي حوالي سان جاري گڏيل پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان اميري ديوان، دوحه ۾ ملاقات ڪئي جتي قطر جي امير وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاندار استقبال ۽ فراخدلاڻي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا، ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون کي فروغ ڏين جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ پاڪستان کي قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ اهم اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. ملاقات ۾ ??نه?? ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار تي خصوصي زور ڏنو ويو ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??نه?? ڌرين سيڙپڪاري جي گذريل وچنن جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مختلف اهم موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي امير ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت ۽ اقتصادي حصيداري، واپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ??نه?? ڌرين جي خواهش جو اظهار ڪيو. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عزت مآب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني پڻ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??نه?? ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي ۾ تعاون جي لاءِ قطر جي ڪردار تي ٿورا مڃيا، قطر ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي هڪ وڏي انگ جي موجودگي کي ساراهيو جيڪا ??نه?? ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ پاڪستان جي اهميت جو ذڪر ڪندي ??نه?? ملڪن جي گڏيل مفادن جي تڪميل جي لاءِ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ قطري ڌر جي عزم جو اظهار ڪيو. ??نه?? ڌرين موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي وزيراعظم خطي ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قطر جي سفارتي ڪوششن ۽ ان??اني بنيادن تي قدمن کي ساراهيو، خاص طور تي فلسطين مسئلي جي حوالي سان ثالث جي طور تي قطر جي ڪردار ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ??نه?? ڌرين گڏيل افهام تفهيم، تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ??ور?? جي مٽاسٽا کي جاري رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ??ور?? دوران قطر جي امير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي عجائب گهر جي اهتمام هيٺ نمائش ”منظر: پاڪستان ۾ آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر 1940ع کان هيستائين“ جو ??ور?? ڪيو.
پاڪستان ۽ قطر پاران علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور، ٻطرفن لاڳاپن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نئين افق ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي دورن جي مسلسل مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی