اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طر??ان 9 مئي 2023ع تي پُرتشدد عوامي تحريڪ بابت واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست مشروط طور تي قبول ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان ??ي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان ??ڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض ڪيو آهي ته هي عام مفاد لاءِ ناهي ان ڪري عدالت درخواست جي ميرٽ تي ڪارروائيءَ کان ??ڳ اعتراضن کي غلط ثابت ڪرڻ جي شرط سان ??رخواست جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل فار پاڪستان منصور عثمان ??عواڻ درخواست منظور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ان وٽ درخواست خلاف دليل آهن، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد خان ??دالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 9 مئي 2023ع تي ڇا ٿيو ان ??ي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي سخت ضرورت آهي. عدالت ملڪ ۾ اڻ ا??لا??يل مارشل لا جي حوالي سان ??ندس ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ثبوت آهي ته هو پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري. جسٽس جمال خان مندوخيل ان کي هڪ واضح بيان قرار ڏنو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اٿارٽي اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ??ي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت سول حڪومت فوج کي طلب ڪندي آ??ي، جيڪڏهن درخواستگذار ان کي اڻ ا??لا??يل مارشل لا چوي ٿو ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال خان مندوخيل جي ان ??وال تي ته درخواستگذار ان معاملي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان ??جوع ڇو نه ڪيو؟ ايڊووڪيٽ حامد خان ??واب ڏنو ته هي مسئلو سڄي ملڪ بابت آ??ي، نه ڪنهن خاص صوبي سان. جسٽس امين الدين خان ??يمارڪس ڏنا ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڏسڻ ۾ صحيح آهن پر عدالت درخواستگذار کي درخواست تي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هو رجسٽرار آفيس طرفان ??ُٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي. عدالت تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئي 2023ع جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست مشروط طور تي قبول
مضمون کا ماخذ : sorteios quina