اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرا??ڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتف??ق ڪيو، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائ?? جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چي?? ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀري?? ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چي?? ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳا??هين جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳا??هين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتف??ق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چي?? ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آهن جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪر?? جي ضرورت آهي، مصري مفتي اعظم چي?? ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چي?? ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرا??ڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کول?? جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرا??ڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتف??ق ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي ملاقات، پاڪستان ۾ جامعه الازهر جو ڪيمپس قائم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania