اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال ت?? زور ڀريندي چيو آهي ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگ??ر ثابت ٿيندو، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ??رف اهم قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ نمايان خدمتن جي حوالي سان جميل ناصر ۽ ڪسٽمز ڪراچي زون ۾ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم لاءِ 1.5 ڪروڙ روپيا روڪ رقم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم عيوض ڪسٽمز آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال ت?? زور ڀريندي هدايت ڪئي ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽمز سسٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽمز نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃن جيڪي عالمي معيار سان هڪجهڙائي رکن، وزيراعظم چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگ??ر ثابت ٿيندو. ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي حوالي سان هي سسٽم هڪ اهم سنگ ميل آهي، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ??رف هڪ قدم آهي.
فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania