گڏيل قومون_17 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته غزه صورتحال کي لبن??ن ۾ ورجائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون،گڏيل قومن جي ويب سائٽ موجب سيڪريٽري جنرل اغوا ٿيلن جي آزادي جي مطالبو ڪندي چيو آهي ته سبب ڪو به هجي شهرين کي قتل،زخمي،اغوا يا شهرين خلاف راڪيٽ فائر نه ٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته غزه تي اسرائيلي فوج جا 100 ڏينهن کان جا??ي حملا هاڻي بند ٿيڻ گهرجن، مون وٽ غزه جي صورتحال کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن، هن چيو ته مون کي غزه ۾ عالمي انساني قانون جي کلي ع??م خلاف ورزي تي ڳڻتي آهي، ??ن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ اثرائتي انساني امداد جو بنيادي شرط آهي،ڌرين کي ع??لمي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي،شهرين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جو ضرورتون پوريون ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي،هن وڌيڪ چيو ته اسان ان ڳالهه جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون ته جيڪو ڪجهه اسان غزه ۾ ڏٺو آهي ان کي لبن??ن ۾ ورجايو وڃي ۽ غزه جي موجوده صورتحال جا??ي رهي.
غزه صورتحال کي لبنان ۾ ورجائڻ جي اجازت نه ٿاڏئي سگهون: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج