راولپنڊي – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? محمد نواز شريف جي اقامي ت?? جيڪو پ??ما??و رکيو ويو هو اهو نيازي سروسز لميٽيڊ جي لاءِ ڇو نه رکيو ويو، جڏهن قانون جا ٻه پ??ما??ا هجن ته آواز ته ايندا، عمران خان جي فيصلي پاناما ڪيس ۾ اختيار ڪيل پ??ما??ي جي نفي ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير مريم اورنگزيب راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪلرز آف ڪوريا جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ ??صو??ري نمائش جي افتتاح کانپوءِ صحاف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو بيان آيو اهو پاڪستان جي عوام ۽ سول سوسائٽي جي آواز سبب آيو، 28 جولاءِ جي فيصلي جا اثر پوري قوم ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊيل حڪومت کي سسيلين مافيا چيو ويندو ته عوامي ردعمل فطري آهي. هن چيو ته تاريخ جي ڏس ۾ ڏسو جڏهن ادارن تي پريشر پيو ته نظريه ضرورت به سامهون آيو، پنهنجي دفاع ۾ ڳالهه ڪرڻ ادارن سان ٽڪراءُ ناهي هوندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي نواز شريف جي نالي ت?? ووٽ ملي ٿو.
نواز شريف لاءِ جيڪو پئمانو رکيو ويو اهو نيازي سروسز لاءِ ڇو نه رکيو ويو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino