ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??بد??لي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، اسان ??بد??ل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ ??بد??لي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڊيمز جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ صدر ڊا??ٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ وڏي انگ ۾ سرندي وارن ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ڊيمز فنڊ جي لاءِ وڏي رقم ع??يو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي تي جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ته خيال آيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرن جي ڪيتري ضرورت آهي، ماضي ۾ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان ۾ پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿيو، ان سان پاڪستانين کي ??ست?? بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ اسان ??ست?? بجلي جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ پاڻي ذخيرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.
تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات