اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وف??قي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن و??يرن جي ڪانفرنس ۾ ڪي?? ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا پراڻي شيڊول تي ا??ي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اه?? بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تعليمي ادارا کولڻ سان و??لدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وف??قي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو: وفاقي حڪومت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج