اسلام آباد – 20 – مئي (??ي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطي?? ۾ ??اري ??سر??ئيلي جارحيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطي?? ۾ ??اري ??سر??ئيلي جارحيت ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاج?? مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاج?? مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو ويندو ج??ي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي ??سر??ئيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطي?? ۾ ??سر??ئيلي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.
وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا