بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ پاڻي بابت سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد آهي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ تعمير تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مقامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، طارق بشير چيما، سيد فخر امام، خاص معاونين جمشيد اقبال چيما، ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر عون عباس بپي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت، قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب ۽ ٻين قومي ۽ صوبائي اسيمبيل ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بهاولپور ڊويزن جي مجموعي صورتحال جنهن ۾ معاشي، سماجي، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ خاص طور تي زراعت جي پيداوار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجل??س کي ٻڌ??يو ويو ته بهاولور ڊويزن ايراضي جي لحاظ کان پنجاب جي سڀ کان وڏي ڊويزن آهي، جنهن ۾ پسماندگي جي شرح پوري پنجاب ۾ ٻئي نمبر تي آهي جنهن کي ختم ڪر?? جي ل??ءِ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۾ سمورن ضلعن ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جا منصوبا شامل آهن. جڏهن ته ان ڊويزن ۾ پنجاب جي 50 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪر?? جي ل??ءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪر??، سٺي ٻج جي فراهمي، آبادگارن جي مدد، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پاڻي جي مسئلن جو حل شامل آهي. صنعتن جي ترقي ل??ءِ صنعتي زونز ۾ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ ۽ موجوده صنعتن ۾ ويليو ايڊيشن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسو??ءِ اجل??س کي ٻڌ??يو ويو ته چولستان ۽ بهاولپور جي ماسٽرن پلان تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چولستان ۾ اسڪولن کي سولرائز ڪر??، اسپتالن جي تعمير ۽ بهاولپور کي سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي ل??ءِ رستي جي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان اجل??س کي ٻڌ??يو ويو ته رولز آف بزنس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي جلد منظوري ورتي ويندي. 40 مان 15 صوبائي کاتن کي ڏکڻ پنجاب ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، گذريل 6 مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جا معاملا ڏسي رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي ملتان ۽ بهاولپور ۾ عمارتن جي تعمير تي اڳڀرائي بابت پڻ اجل??س کي آگاهه ڪيو ويو ان کانسو??ءِ اجل??س کي اهو به ٻڌ??يو ويو ته ??لندڙ مالي سال بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي ل??ءِ 189 ارب رپين جي رقم سان 2491 منصوبا شامل آهن جن مان 91 سيڪڙو جي منظوري به ٿي چڪي آهي، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا جي ل??ءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي حوالي سان حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ??اڻي انسان جي بنيادي ضرورت آهي ۽ هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ لاڳاپيل سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ڪري ٿو. تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن بهاولپور ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ عوام کي درپيش مسئلن ۽ ان جي تدارڪ جي ل??ءِ تجويزون پيش ڪيون.
ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania