اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تاپي گئس ??ائ??پ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان ??ائ??دا?? ۽ ??تيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن ترڪمانستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪمانستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ترڪمانستان جي عوام ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبدار?? جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان ??ائ??دا?? ۽ ??تيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام