اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مسعود خان بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپي??نڊ?? کي ر?? ڪندي چيو آهي ته مسعود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفارتڪار آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀارت جي ڪڌي پروپي??نڊ?? کي ر?? ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا ??پو??ٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مسعود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي ميڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ??پو??ٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائند??ي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير مسعود خان انتهائي باصلاحيت سفارتڪار آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفارتڪاري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مسعود خان سفارتي خدمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.
پاڪستاني پرڏيهي آفيس مسعود خان جي باري ۾ ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری