اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته مخالف ڌر پ??ران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خ??ن تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ آهي اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چي?? ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪست??ن تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته اسان جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چي?? ته اسان جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چي?? ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.
مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي: اسپيڪر اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : loteria estadual