اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون و??رو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ??ٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪور?? بار ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان بار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪور?? بار ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل مل?? جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون و??ري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ?? بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن و??يراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری