اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صد??رت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي ??بردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خاندان جي 19 ماڻهن کي ??ات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خاندان جي 19 بيگناهه ماڻه?? کي قتل ڪيو جن کي ??ڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ماڻهن کي ??ڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی