اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان حبيب بئنڪ لميٽي?? جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊ??ول??مينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. وزيراعظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ تر???? جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادا??ن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار