اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خل??ف عوامي شڪ??يت?? جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي محتسب بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ م??اق??ت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب بلوچستان صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خل??ف عوامي شڪ??يت?? جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. م??اق??ت جي موقعي تي صوبائي محتسب صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪ??يت?? جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محتسب بلوچستان چيو ته صوبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪ??يت??ن مليون جن مان 1043 شڪ??يت?? جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪ??يت??ن تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا