ميڊرڊ- 01 جنوري (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان پنهنجي حراست هيٺ ??خري اسپين جي شهري سانتيا گوسانيچيز کي به آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ايران ڏانهن سياحت لاءِ آيل ان شخص کي آڪٽوبر 22ع ۾ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري اسپين ۾ ايران جي سفارتخاني جي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسپين جو سياح سانتيا گوسانيچيز کي ايراني عور?? مهيسا اميني جي حوالي سان جاري ڪيل مظاهرن دوران ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو کيس آزاد ڪيو ويو آهي، اسان ان قدم تي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. سفارتخاني جو چوڻ آهي ته اها آزادي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻي ۽ تاري??ي لاڳاپن جي عڪاسي ۽ قانون موجب آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز