رياض -27 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي انصاف واري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، ته خلع جي درخواست جي طريقيڪار کي قانوني طريقي سان دستاويزن ذر??عي ثبوت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ??ڙس راضي هجي ته عدالتي حڪم جي ضرورت نه آهي. سعودي ميڊيا رپورٽن موجب اهو طريقيڪار ذاتي حيثيت واري قانون جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته خلع ڌرين جي گڏيل رضامندي سان جائز آهي، جنهن ??اءِ عدالتي ??يصلي جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن ??ڙس راضي نه هوندو ته درخواست ذر??عي عدالت سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. انصاف واري وزارت موجب 2024ع جي پهرين ٽه ماهي دوران عدالتن ۾ 36000 کان وڌيڪ خلع ۽ طلاق جا ڪيس داخل ٿيا جن مان وڌيڪ ڪيس مڪي جي عدالتن ۾ داخل ٿيا.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم