گڏيل قومون- 13 آگسٽ (??ي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آفريقا جي نما??ند??ي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نما??ند??ي وڌائڻ جي حوالي سان ??ڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آفريقا سان ??يل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي، ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نما??ند??ي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آفريقا جي ان ??طالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي مساوي نما??ند??ي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کڑک