ليما-15 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ليما ۾ ايوان صدر ۾ پيرو جي صدر دينا بولوارٽ سان م??اق??ت ڪئي. پرڏيهي م??ڊيا موجب شي جن پنگ جو پيرو جو ٽيون دورو آهي ۽ هڪ سال ۾ پيرو جي صد?? سان سندس ٽئين م??اق??ت آهي. ملاقات دوران چيني صدر چيو ته ٻئي م??ڪ هميشه هڪٻئي جو احترام ۽ هڪٻئي تي ڀروسو ڪندا آهن. 53 سال اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ چين ۽ پيرو ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکيو آهي. ٻئي م??ڪ هڪٻئي جي تجربن مان سکندي اڳيان وڌي رهيا آهن، چين ۽ پيرو چين- لاطيني آمريڪا عملي سهڪار جي معيار ۽ ان جي اپ گريڊيشن کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا. صدر شي جن چيو ته چيو ته پيرو سان پنهنجي روايتي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ