ابوظھبي-25 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ال??ھيان جي نگراني ۾ ” زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ابوظھبي جي ال??ثبه اٺن جي ريس ٽريڪ تي 25 نومبر کان شروع ٿيل ريس پھرين ڊ??مبر تائين جاري رھندي، جنھن ۾ گڏيل عرب امارات ۽ جي س?? سي ملڪن مان ھزارين ڊوڙ وارا اٺ حصو وٺي رھيا آھن، تنظيمي ڪميٽي مقابلي لاءِ 36 ٽرافيو?? مختص ڪيون آھن، جنھن ۾ ايونٽ جي عرصي دوران 217 ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿيندا. اٺن جي ڊوڙ گڏيل عرب امارات جي مرحوم باني شيخ زيد بن سلطان ال??ھيان جي نالي تي رکيل واحد ايونٽ آھي، جنھن پنج ڏھاڪا اڳ اٺن جي ڊوڙ شروع ڪرائي ھئي ۽ جنھن جي ميراث گڏيل عرب امارات جي قيادت جي مستقل حمايت سان جاري آھي. رپورٽ مطابق اھو مقابلو نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين، شيخ منصور بن زيد ال??ھيان جي ڌيان جو مرڪز آھي، جيڪو ان راند لاءِ سندس وابستگي ۽ تازي سال ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ظاھر ڪري ٿي. ان ايونٽ کي اٺن جي ريسنگ فيڊريشن منعقد ڪري رھي آھي، جنھن جي صدارت گڏيل عرب امارات جو صدر مشير شيخ سلطان بن حمدان ال??ھيان ڪري رھيو آھي.
گڏيل عرب امارات ۾ زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب