اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست جديد فلاحي رياست هئي، اتي ڪو قانون کان مٿانهون نه هو، تعليمي ادارن ۾ سيرت النبي صه ??و مضمون پڙهائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، مديني جي رياست جي سنهري اصولن تي جنهن قوم به عمل ڪيو ان ڪاميابي حاصل ڪئي، حضور پاڪ صه ??و آخري خطبو هيومن رائيٽس چارٽر جو عظيم مثال آهي، اسلامو فوبيا جا واقعا مسلمان امت جي ??اءِ تڪليف ڏيندڙ آهن، گستاخانا مواد جي ڇپائي مسلمانن جي ??اءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي ??اءِ مسلمان ملڪن جي سربراهن کي گڏجي آواز بلند ڪرڻو پوندو. عوام سان ٽيليفون تي سڌوسنئون ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمانن جي ??ڏي بدقسمتي آهي جو 1989ع کان جڏهن سلمان رشدي ڪتاب لکيو ۽ ان اسان جي ??بي صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي تڏهن کان اولهه جي اندر گذريل 30 سالن کان اسان جي ??بي صه جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو شروع ٿيو، اهڙي طرح جي حرڪتن سان مسلمانن کي تڪليف پهتي هئي ?? ماڻهو رستن تي نڪتا هئا، ڇو ته اولهه کي ان شيءَ جي سمجهه نه هئي، اهي بلڪل دين کي ٻي طرح وٺندا هئا، جهڙي طرح اسان وٺون ٿا هو ائين نه ٿا وٺن، نه ئي انهن کي سمجهه آهي ته مسلمانن کي ڪيتري تڪليف پهچي ٿي، ڪيئن نبي صه ??سان جي دلين ۾ رهن ٿا اسان کي پنهنجي ??يملي کان وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي، ڪا شيءَ اسان کي ايتري تڪليف نه ٿي ڏي جيتري حضور صه جي شان ۾ گستاخي تڪليف ڏي ٿي، پر اولهه کي اها شيءَ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ڇو ته اهي چون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي ??الي تي جيڪو به ڪن جيتوڻيڪ اتي ڪيتريون ئي شيون اظهار راءِ جي آزادي ۾ نه ٿيون اچن، جڏهن وزيراعظم بڻيس ته پهرين او آءِ سي ۾ ان ايشو کي اٿاريو پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ ان کي اٿاريو، ملائيشين وزيراعظ?? ۽ ??رڪ صدر سان گڏجي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڪيترائي ماڻهو ڄاڻي واڻي فتنو ڪن ٿا.
مديني جي رياست جديد فلاحي رياست هئي: وزيراعظم عمران خان جي عوام سان ٽيليفون تي سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج