اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان ٻطرفي ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ل??ءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مراعتن ما?? فائدو کڻندي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ رهن??ڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ رهن??ڙ پاڪستاني ڪميونٽي ل??ءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز