اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽر جو ڪردار تمام اهم آه??، ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪينڪل فيلڊ آه??، وڪيلن وانگ?? صحافين کي به قانون کان آگاهي ??کڻي پوندي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪن??ڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل س??ڪريٽري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.
تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج