اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ??يام لا??ِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ استحڪام سان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ??ين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪانفرنس جي ??رڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لا??ِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي ??روغ تي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.
پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن