اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي معاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي ??بادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي ??عاون سا?? ڪيو ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري ??ور حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ ع??لم?? منڊي ڳولين. هن عوامي جاين تي عورتن جي ??زادي يقيني بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سا?? ۽ ڪنهن سماجي ??ٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل ??ور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي حقن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چيو ته هن وقت بئنڪون عورتن کي مالي ??ور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي ??والي سا?? هن چيو ته گواهن جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انهن جي پيش نه ٿيڻ سا?? ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي ??قن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ??مايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي ??ڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ??رقي جي ??زم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي ??سٽالن جو دورو به ڪيو.
عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک