اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وا??و آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، بي اعتمادي ??ار?? مئچ اسان کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ??اءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي ??ڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ??اءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سيا??ت چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ڇا چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار سان ملاقات ٿي آهي، ان سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چ??و ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، بي اعتمادي ??ار?? مئچ اسان کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وا??و آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن سان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ??يندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.
مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت