اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته ??اڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??و اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، ها??ي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منت??ر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم جنهن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏينهن ص??ح سوير اسلام آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ??يضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??و ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
عيد پُوري ٿي هاڻ اچو ته ڪم تي ڌيان ڏيُون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو