اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني جي هدايت ڪئي آ??ي. ??زيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، ج??ي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ ??راهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ??يو وڃي. وزيراعظم نيشنل هاءِ ??ي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ڪئي آ??ي. ??زيراعظم لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ ??وثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. ??زيراعظم هدايت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ عوام کي خبردار رکيو وڃي. وزيراعظم چي?? ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزيراعظم عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.
وزيراعظم پاران برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام