اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي ج?? هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پ??ڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ??ري??ي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پ??ڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ??ري??ي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پ??ڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پ??لڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پ??ڪستان ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ايم ايل – ون پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی