اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته والاريل فلسطين جي صورتحال پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، پاڪستان غزه ?? پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪي اسرائيلي قابض فوج جي اجتماعي سزا جي غيران??ان?? مهم کي منهن ڏئي رهيا آهن. پريس بريفنگ ۾ هن اسرائيل جي انڌاڌنڌ ۽ بنا فرق جي بمباري جي نتيجي ۾ غزه ?? 2700 ٻارن سميت 6500 کان وڌيڪ شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس ۽ فوري امدادي خدمتون ڏيندڙن کي ساراهيون ٿا جن مشڪل حالتن ۽ ذاتي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ساٿي ان??ان?? جي خدمت جاري رکي آهي. هن چيو ته اسان يو اين آر ڊبليو اي ۽ گڏيل قومن جي ٻين تنظيمن جي صحافين ۽ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا جن فرض جي ادائيگي ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ترجمان ان ڳالهه تي افسوس جو ا??هار ڪيو ته فوتگين جي وڌندڙ انگ، عالمي ان??ان?? قانون جي کليل خلاف ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسلي تطهير جي مطالبن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي جو مطالبو، غزه جي ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ غزه ?? قتلام کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي هنگامي اجلاس جو منتظر آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته هو اهڙو ڪردار ??دا ڪندو جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ نسلي امتياز جي منصوبن جي مذمت ڪندي. هن چيو ته اسان اسرائيل جي حامين تي زور ڀريون ٿا ته اهي ان ظلم جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ غزه جي گهيريل عوام جي لاءِ زندگي بچائيندڙ ان??ان?? امداد جي هڪ پائيدار ??پلائي لائين جي حمايت ڪن جنهن ۾ پاڻي، ٻارڻ، خوراڪ ۽ دوائون شامل آهن. هن چيو ته عالمي برادري کي اهو به يقيني بڻائڻ گهرجي ته تشدد ۽ بمباري جي مهم پوري وچ اوڀر ۾ نه پکڙجي ۽ نه ئي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي. ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار ??من ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل، متصل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي جي قيام سان ممڪن ٿيندو.
والاريل فلسطين جي صورتحال پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس