اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِس ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته خصوصي ماڻه?? جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثمينه عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏهن ته انه?? جي معاشري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روي?? جي ڪري خاندانن پنهنجي اهڙن ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکيو ۽ انه?? جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ معذور ماڻه?? جي چرپر کي محدود ڪري ٿي. ثمينه عارف علوي معاشري ۾ انه?? جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استاد?? جي تربيت ۽ معاشري کي حساس بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت ??سي?? موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خصوصي ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائي وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيم??، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪ??، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خصوصي ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خصوصي ماڻه?? جي مالي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تع??يم?? ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثمينه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ماڻه?? جي لاءِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ا?? جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ انهن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
خصوصي ماڻهن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج