اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) ت??لي?? ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير م??د علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبال جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ت??لي?? واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر م??رق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر م??ر، ايران ۽ ترڪي?? جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ??رو??يسر ڊاڪٽر ناصر م??مود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر ??رو??يسر ڊاڪٽر ناصر م??مود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبال جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبال جي ت??لي?? کي واڌ ويجهه لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي ت??لي?? ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
اقبال جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر