اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪس??ان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي شديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ?? ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪس??ان پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ وسيع پئماني تي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مذهبي آزادي جي ??ڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??امزد فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي. اهو عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ايس سي آئي آر ايف) جي ??اضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل ??وامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ م??ضو??ي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذهبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪس??ان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي ??وجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل ??فهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي تعميري مشغوليت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي ??و، انهي جذبي سان پاڪس??ان ٻطرفي طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪس??ان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ