اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وفا??ي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب ع??ال??ن کي خصوصي ع??ال??ن ۾ بدلائڻ، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين س?? جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفا??ي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين جي طور تي م??رر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي م??رر?? 29 نومبر 2023ع کان لاڳو هوندي. وفا??ي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ميجر عابد منصور خان جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت پاران ”نوت شجاعت“ ۽ ”نوت شرف“ جو ايوارڊ، پرڏيهي وزارت جي سفارش تي محمد اشرف خان، پروٽوڪول آفيسر جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ آسٽريا جي حڪومت پاران گولڊ ميڊل ۽ پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور سيد عمران علي جي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٽوڪيو ۾ بطور ڊفينس اتاشي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊفينس ڪوآپريشن ايوارڊ فرسٽ ڪلاس جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفا??ي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي تجويز تي پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب ع??ال??ن کي خصوصي ع??ال??ن ۾ بدلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ انهن ع??ال??ن جي ججن جي م??رر?? جي حوالي سان چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي تجويز منظور منظور ڪئي وئي آهي. باقي رهيل ع??ال??ون احتساب ع??ال??ن طور ڪم ڪنديون رهنديون. انهن تبديلين سان قومي خزاني تي ڪو اضافي بار نه پوندو. وفا??ي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نئين س?? جوڙجڪ جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي گذريل ڪيترن ئي سالن کان خساري ۾ آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪابينا جي گذريل اجلاسن ۾ پي آءِ اي جي مالي ۽ انتظامي نئين س?? جوڙجڪ جي لاءِ فنانشل ايڊوائيزر جي م??رر?? جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فنانشل ايڊوائيزر پاران عالمي مثالن کي نظر ۾ رکندي پي آءِ اي جي مالياتي نئين سر تنظيم سازي جو منصوبو جوڙيو ويو جنهن تحت پي آءِ اي کي ٻن ڪمپنين ٽاپ – ڪو ۽ هولڊ – ڪو ۾ ورهايو ويندو. پي آءِ اي جي بنيادي آپريشنز انجنيئرنگ، گرائونڊ هينڊلنگ، ڪارگو، فلائيٽ ڪچن ۽ ٽريننگ کي ٽاپ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيا ادارا جهڙوڪ پريسيزن انجنيئرنگ ڪمپليڪس، پي آءِ اي انوسٽمينٽ لميٽڊ ۽ ٻين ذيلي ادارن ۽ پراپرٽيز کي هولڊ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي پي آءِ اي طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفا??ي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي حڪومتي ملڪيتي ادارن جي پي آءِ اي تي حل طلب رقم جي حوالي سان معاملا ??لد اڪلائڻ جي هدايت پڻ ڏني. وفا??ي ڪابينا نجڪاري واري وزارت جي سفارش تي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفا??ي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي انهن دوائن جي قيمتن جي ڊي – ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪي انتهائي ضروري دوائن جي نيشنل لسٽ ۾ شامل نه آهن. انهن تجويزن تحت نيشنل لسٽ ۾ موجود انتهائي ضروري دوائن کانسواءِ دوائن جي قيمتن کي ڊرگ ايڪٽ 1976ع کان ڇوٽ قرار ڏنو ويندو ۽ ڊرگ پراسيسنگ پاليسي 2018ع ۾ ضروري ترميمون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڊاڪٽر پاران مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات تجويز نه ڪئي ويندي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات جي فهرست مروجه عالمي معيار موجب جوڙيندي ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومتن سان پڻ رابطي ۾ رهندي. وفا??ي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پهرين فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔