اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏي?? دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوا?? جي رابطن ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظ?? جي تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.
وزيراعظم 2 کان 3 جولاءِ تائين تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات