اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ جامع منصوبو جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ روڪڻ جي لاءِ جامع منصوبو ترجيحي ب??يادن تي تيار ڪرڻو پوندو، ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪري، عالمي معيار موجب نيڪاسي ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي موثر انتظام جو نظام ٺاهڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچي ۾ زم??ن هيٺ سرنگن جي ذريعي ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ڪراچي ۽ ان جي سامونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائن، دنيا جي ٻين ميٽرو پوليٽن شهرن جي برابر آڻڻ جي ضرورت آهي، سرنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جا نمايان ماحولياتي اثر پوندا، سنڌ حڪومت عالمي ڊونرز کان سرنگن جي تجويز ڪيل منصوبي جي لاءِ ماحولياتي فنانسنگ حاصل ڪرڻ تي غور ڪري. هن چيو ته آلوده پاڻي صاف ڪرڻ جي نظام جي تعمير سان بلوچستان کي ب?? زراعت جي لاءِ پاڻي ملندو، صاف پاڻي جي نظام جي تعمير سان ماهيگيري جي شعبي کي ب?? فروغ ملندو، حيدرآباد شهر کي ب?? شهري ٻوڏ ۽ نيڪاسي جا مسئلا درپيش آهن، ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ صدر کي عالمي پاڻي ۽ سيوريج مئنيجمينٽ ماهرن پاران جامع بريفنگ ڏني وئي. ماهرن ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ ۽ نيڪاسي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. ماهرن واشنگٽن، لنڊن ۽ سنگاپور جي زم??ن هيٺ سرنگن جي نيڪاسي جي نظام تي پڻ روشني وڌي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي هائي فلڊ زونز ۾ موجود رستن جي هيٺ ننڍي ۽ وڏي سيوريج سرنگن جو ڄار وڇائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل زم??ن هيٺ سرنگن سان عوام، ٽريفڪ ۽ زمين جي ملڪيت جي حوالي سان پريشاني نه ٿيندي، ڪراچي ۾ ??ٽڪ?? 450 ملين گيلن ڏهاڙي نيڪاسي جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ برسات جو پاڻي ننڍي ۽ وڏي کليل نالن ۾ گڏ ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ ٻوڏ وارو پاڻي ب??ا ٽريٽمينٽ سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان سامونڊي ماحولياتي نظام گدلو ٿئي ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي نالن جي موجوده نيٽ ورڪ جي صلاحيت محدود آهي، نالن جو موجوده ڄار عام حالتن ۾ ??ٽڪ?? 50 سيڪڙو برسات جي پاڻي کي جذب ڪري ٿو، ڪراچي جي سسٽم پاران اضافي پاڻي جذب نه ٿيڻ سان شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، سنڌ جي ب??ديات وارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب?? سينيئر سرڪاري آفيسر، مقامي ۽ عالمي پاڻي جي انتظام جا ماهر پڻ شريڪ هئا.
صدر آصف علي زرداري پاران ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ جامع منصوبو جلد تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن