اسلام ??باد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام ??رفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو ق??ل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بي??ن موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي ??رڏيهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي ??رڏيهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام ??رفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو ق??ل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي ??رڏيهي وزير نائب وزيراعظم سان ??ن معاملي تي ??رڏيهي وزيرن يج سطح تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.
سينيٽر اسحاق ڊار جو وقتي ايراني پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج