اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان غ??ر قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي جرئتمندي واري ج??وج??د کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت جي لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي ??ما?? ڪشميرين کي خوداراديت جي ج??وج??د ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ سندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته سيد علي گيلاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ سندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چيو ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ جي ج??وج??د کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀارتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي گهرا نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چيو ته اڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته سيد علي گيلاني سميت ٻين ڪشميري اڳواڻن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين . اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ج??وج??د جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان سندن جائز ج??وج??د لاءِ اخلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي سيد علي گيلاني جي مثالي بهادري ۽ ج??وج??د مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته ??لل?? پاڪ سيد علي گيلاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.
سيد علي گيلاني جون ڪشميري عوام لاءِ ڏنل قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون : صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت