اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ان??ن، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو ??ان??ن انگريز جي دؤر کان هلندو پيو وڃ??، جڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، حڪومت جڏهن ??ان??ن آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته هي بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪ??وڙ هئي، هاڻ 25 ڪ??وڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر علي خان چيو ته قاعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهج??، ججن جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪومتي بل ذريعي ممڪن آهي. ??ان??ن واري وفاقي وزير چيو ته ججن جي انگن جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جي آبادي 25 ڪ??وڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪ??وڙ آبادي تي 12 ججن آهن، ججن جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اه??و بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ ججن جو انگ وڌائڻ جي تجويز آئي هئ??، جنهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ ??ان??ن شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان نه ڏسڻ گهرجي.
عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي: قانون وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت