اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽت??ئي جو رجحان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس ??ي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس ??ي جاري ڪيل پڌر??ئي موجب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتح??ل جو جائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي فصل جي ڪاٿي جو به جائزو ورتو ويو. پڌر??ئي موجب ايندڙ پيڙه??ئي سال ۾ کنڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو به جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سموريون شگر ملون 21 نومبر کان پيڙه??ئي شروع ڪنديون. 21 تاريخ تائين پيڙه??ئي نه ڪندڙ ملن خلاف ڪاررو??ئي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سموريون ادائيگيون پيڙه??ئي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيون وڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿيون ڪن انهن کان روانگي واپ??ر جي اجازت واپس وٺنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته جيستائين روانگي واپ??ر جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي وڌيڪ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پڌر??ئي موجب پي ايس ايم اي وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي.
صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزي بورڊ جو اجلاس، ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو جائزو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت